اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومتي خزاني تي بار بڻجندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري قومي مفاد ۾ آهي، ان عمل ۾ ڪاروباري طبقي ۽ ماهرن سان به مشاورت ڪئي وڃي، صن??ت واري وزارت ڪابينا مان منظور ٿيل ادارن جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪري، هن اهڙن خيالن جو اظهار صن??ت واري وزارت جي انتظام هيٺ ادارن جي صلاحيت ??ڌا??ڻ بابت اجل??س جي صدارت ڪندي ڪيو.