اسلام آباد -10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ?? پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ گڏيل قومن جي سيڪريٽر?? جنرل سنڌ جي ضلع لاڙڪاڻ?? جي مختلف امدادي ڪيمپن جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف ?? پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ گڏيل قومن جي سيڪريٽر?? جنرل انتونيو گوتريش ٻوڏ متاثر ماڻهن جا مسئلا ٻڌا ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ مصروف ليڊي هيلٿ ورڪرز، نرسز ۽ انتظاميه جي ماڻهن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽر?? جنرل ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. ان موقعي تي ٻوڏ سبب آيل تباهي تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه بريفنگ پڻ ڏني.