اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڪش??ير جي مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ عورت اڳواڻن چيو آهي ته 5 آگست 2019ع ڪش??يرين جي ت??ريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت پاران ڪش??ير جي خاص حيثيت جي ت??ديلي جو قدم گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي، ان قدم جي آڙ ۾ ڪش??يرين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا، 10 لک هٿياربند فوج جي موجودگي ج?? باوجود ڪش??يرين جي آزادي جي جدوجهد تان هڪ قدم پٺتي نه هٽائي سگهيو. اي پي پي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي قانونساز اسيمبلي جي ميمبر سحرش قمر چيو ته 5 آگسٽ کانپوءِ ڪش??ير ۾ تاريخ جو بدترين ڪرفيو آهي، 10 لک فوج معصوم ڪش??يرين جو گهيراءُ ڪري رکيو آهي، عدالت کان مٿانهون قتلام آهي. هن چيو ته عالمي برادري ڪش??ير ۾ ڀارت جي گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف قدم جو نوٽيس وٺي. ڀارت ڄاڻي وٺي طاقت جي زور تي ڪش??يرين کي وڌيڪ دير تائين غلام نه ٿو رکي سگهجي. جماعت اسلامي عورتن جي اڳواڻ ۽ قانونساز اسيمبلي جي ميمبر رفعت عزيز چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي حڪومت عالمي قانونن، گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين خلاف ورزي ۽ انڊين آئين ۾ ترميم ڪندي شق 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪري والاريل ڪش??ير کي انڊين يونين ۾ ضم ڪري ڇڏيو ان سان گڏ ئي پوري واديءَ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو هنيو ويو، موبائيل ۽ انٽرن??ٽ سروس معطل ڪئي وئي ۽ ڪش??يرين تي ڏاڍ ۽ تشدد جو هڪ نئون دور شروع ٿي ويو، پوري واديءَ گڏيل جيل خاني ۾ تبديل ٿي وئي، گهرن جي اندر ٽوڙ ڦوڙ، عورتن جي بي حرمتي، نوجوانن تي بدترين تشدد، اغوا ۽ گم ڪرڻ جو ڊگهو سلسلو شروع ٿي ويو، مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هندوئن جي آبادي جي منصوبي تي تي??ي سان عملدرآمد شروع ڪيو ويو، جيڪو اڄ هڪ سال گذرڻ ج?? باوجود جاري آهي. رفعت عزيز چيو ته سموري ڏاڍ ۽ تشدد ۽ بي رحماڻي ظلم ج?? باوجود ڀارت آزادي جي ت??ريڪ کي دٻائڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيو آهي، ان دوران گڏيل قومن ۽ عالمي برادري جو ڪردار انتهائي افسوسناڪ رهيو، ڪش??ير ۾ انساني حقن جي بدترين پائمالين جي خلاف ورزين جون رپورٽون منظرعام تي اچي ويون پر ڪش??يرين جي مدد جا ڪا حڪمت عملي ڪنهن به سطح تي نه آندي وئي.