اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته عالمي برادري کي سربرينيشيا ۾ 25 سال اڳ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ ۽ قتلام جهڙن واقعن مان سبق سکڻ گهرجي ۽ اهڙن واقعن کي ٻيهر رونم?? ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، اڄ ڪشميري عوام کي ڀارت جي 8 لک فوج يرغمال بڻائي رکيو آهي، خدشو آهي ته اتي به اهڙو افسوسناڪ قتلام نه ٿئي. سربرينيشيا ۾ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ جي 25 هين ور??يء?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چ??و ته مون کي قتلام جو اهو ڏينهن چڱي طرح ياد آهي، اهو واقعو انتهائي ڏک ۽ صدمي جو سبب آهي. هن چ??و ته سربرينيشيا ڪڏهن گڏيل قومن جي امن فو?? جي پرامن جنت هئي، اهڙي پرامن جڳهه تي 25 سال اڳ اهو ڪيئن ممڪن ٿيو، مون کي اڃا به ان ڳالهه جو صدمو آهي ته عالمي برادري ان واقعي کي ڪيئن رونم?? ٿيڻ ڏنو. هن چ??و ته اهو ضروري آهي ته اسان ان واقعي مان سبق سکون، عالمي برادري کي مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي ٻيهر رونم?? ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.