اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و آهي ته ڪورونا وبا جي خلاف موجوده حڪومت جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪورونا وبا جي پکڙجڻ جو خدشو آهي، وزيراعظم عمران خان عيدالاضحيٰ گهر ملهائڻ جو فيصلو ڪ??و آهي ۽ عوام کي به اپيل ڪئي آهي ته هو عيدالاضحيٰ تي گهرن ۾ رهن، وزيراعظم جي غربت گهٽايو ۽ سماجي تحفظ بابت خاص مدد??ار ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي احساس پروگرام جو ٻيو ??رحلو شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، حڪومت ڪورونا وبا ۽ موجوده معاشي صورتحال ۾ متوازن بجيٽ پيش ڪئي آهي، شڪي ??ائ??نس وارن 28 پائليٽس کي نوڪري مان ڪڍيو ????و آهي، جعلي ??ائ??نس وارا سمورا پائليٽس پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ڀرتي ڪيا ويا، جلعي پائليٽن جي معاملي تي پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن عملدارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.