پشاور – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خ??برپختونخوا جي گورنر، وڏي وزير ۽ لاڳاپيل وزيرن کي صوبي جي متاثر علائقن جو پاڻ دورو ڪرڻ ۽ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪور??نا وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ سمورن صوبن جي ڀرپور مدد ڪري رهي آهي ۽ اهو تعاون جاري رهندو، موجوده صورتحال ۾ حڪومت جو ڌيان وبا تي ضابطو آڻڻ سان گڏوگڏ ڪمزور ۽ لاچار طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ تي آهي. اهڙن خ??الن جو اظهار هن حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر، مملڪتي وزير شهريار آفريدي، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان ۽ صحت وارو صوبائي وزير موجود هئا. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ڪور??نا وبا جي ڏس ۾ حڪومت جي قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏ??ي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا صوبي جي 6 ضلعن ۾ ڪور??نا وائرس جي وبا ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٺي وئي آهي.