اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 2024ع جو سا?? پاڪستان جي لاءِ شاندار ڪاميابين جو سا?? رهيو، معيشت کي پاڻڀرائيپ جي پٽڙي تي وجهندي 2025ع جي شروعات تي مستحڪم، روشن ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ پرعزم آهيون، نئين عيسوي سا?? 2025ع جي شروعات تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم پوري قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي د??ا ڪئي ته 2025ع جو سج اسان جي ملڪ پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي نويد کڻي اڀري، نئين سا?? ۾ اسان گذريل سا?? جي پنهنجي انفرادي ۽ گڏيل زندگين جي غلطين کي سڌاري هڪ نئين شروعات ڪريون ۽ هڪ نئين روشن مستقبل جي شروعات ڪريون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئون دعاڳو آهيان ته 2024ع ۾ دنيا کي جن معاشي، سياسي ۽ امن امان جا بحران درپيش رهيا، نئين سا?? ۾ انهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مثبت اڳڀرائي ٿئي. هن چيو ته نئون سا?? پاڪستان سميت پوري دنيا مان بک، جنگ، دهشتگردي، ڏوهن، فرقيواريت ۽ طبقاتي ورڇ جي خاتمي جو سا?? ثابت ٿئي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 2024ع جو سا?? اسان جي پياري پاڪستان جي لاءِ شاندار ڪاميابين جو سا?? هو، 2024ع دوران اسان جا معاشي انگ اکر بهتر ٿيا، عالمي مالياتي ادارن پاڪستان تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سا?? 2024ع ۾ دوست ۽ ڀائر ملڪن سا?? اربين رپين جي سيڙپڪاري جا معاهدا ٿيا ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن تي ڪم جي شروعات ڪئي وئي. هن چيو ته اسان باضابطا طور تي قومي اقتصادي ٽرانسفارميشن پلان ”اڏار پاڪستان“ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اڏار پاڪستان اصل ۾ معيشت کي هڪ نئون رخ ڏيڻ، جامع ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي حا??ل ڪرڻ جي لاءِ منهنجي حڪومت جو عزم آهي. وزيراعظم چيو ته هاڻي جڏهن ته اسان 2025ع ۾ داخل ٿي رهيا آهيون ۽ معيشت کي پاڻڀرائپ جي پٽڙي تي وجهي ڇڏيو آهي ته اڄ جي ڏينهن اسان هڪ مستحڪم، روشن ۽ خوشحال مستقبل جو عزم ڪريون ٿا. هن چيو ته 2024ع جو سا?? فلسطين ۾ اسرائيلي ظلمن جي حوالي سا?? بدترين سا?? رهيو جنهن ۾ اسرائيلي قابض فوج ظلم جا اهي د??ستان لکيا جن جو مثال تازي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. اهڙي طرح ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اسان جا مظلوم ڀائر ۽ ڀينر ڀارتي قابض فوج جي ڏاڍ جو شڪار رهيا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته 2025ع ۾ فلسطين ۽ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير پنهنجي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿئي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 2024ع ۾ اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي خلاف ڪاميابيون حا??ل ڪيون، دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ اسان جي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن شهادت ماڻي، جن جون قربانيون قوم تاحيات ياد رکندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام جي آخر ۾ چيو ته اچو! نئين سا?? جي شروعات ۾ اسان اهو واعدو ڪريون ته هن ملڪ کي قائداعظم ۽ علامه اقبال جو پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، هن ملڪ جي حفاظت ۽ تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو رت پگهر هڪ ڪنداسين. هن دعا ڪئي ته 2025ع اسان جي قوم جي لاءِ خوشقسمتي ۽ بي پناهه خوشين جو سا?? هجي.