اسلام آباد-04 نومبر (اي ??ي پي) وفاقي حڪومت قومي ضرورتن کي ??ظر ۾ رکندي سال 26-2025 لاءِ ڪڻڪ جو پيداوا??ي هدف 10.368 ملين هيڪٽر ايراضي مان 33.58 ملين ٽن هاصل ڪرڻ جو رکيو آهي. نيشنل فوڊ سڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت مطابق صوبن پيداوار لاءِ گهٽ هدف پيش ڪيو. صوبائي حڪومتن جي تجويز مطابق ڪڻڪ جو هدف 9.263 ملين هيڪٽرز جي ايراضي مان 27.92 ملين ٽن هو. ايف سي ا?? صوبائي حڪومتن تي زور ڀريو ته هو ايندڙ سال ڪڻڪ جي کپت جي ضرورتن کي ??ورو ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت طرفان تجويز ڪيل پوکي ۽ پيداوا??ي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گهربل قدم کڻن. هن ٻڌايو ته ٻين فصلن ۾ چڻا، پٽاٽا، بصر، ٽماٽا ۽ مرچ جو پيداوا??ي هدف ترتيبوار 4.4419، 4.6829، 8.2554، 7.658 ۽ 8.56 هزار ٽن هدف آهن.