اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر عرب سمنڊ ۾ پاڪ بحريه جي ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس 150 سان گڏجي م??شيات جي خاتمي جي ڪامياب آپريشن تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ بحريه جي م??حر?? قيادت جي ڪري 1.3 ٽن منشيات کي روڪڻ ممڪن ٿيو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته منشيات جي ايتري وڏي م??دار جي اسمگلنگ جي ڪوشش کي ناڪام بڻ??ئڻ سارا??ه جوڳي آهي. پوري قوم کي پاڪ بحريه جي جوانن تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته منشيات جو مڪمل خاتمو انسانيت جي ڀلائي لاءِ انتهائي اهم آهي. پاڪستان حڪومت منشيات جي خاتمي جي مشن ۾ پاڪ بحريه کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.