رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس جي موقعي تي ويٽنام جي وز??را??ظم فام من چن سان ملاقات ڪئي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ويتنام ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري کي مضبوط بڻائڻ جي حوا??ي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وز??را??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ويٽنام جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ جي حوا??ي سان ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. وز??را??ظ?? ان مقصد جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري وف??ن جي مٽاسٽا جي تجويز پيش ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم محمد شهباز شريف آسيان تنظيم ۾ پاڪستان جي مڪمل ڊائيلاگ پارٽنر بڻجڻ جي ڪوششن جي حوا??ي سان ويٽنام کي تعاون جي درخواست ڪئي. وز??را??ظم محمد شهباز شريف ويٽنام جي وز??را??ظم کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. ملاقات ۾ دفاع وارو وف??قي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وف??قي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وف??قي وزير عبدالعليم خا??، پيٽروليم وارو وف??قي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وف??قي وزير ڄام ڪمال خا?? ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.