اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته شنگهائي سه??ار تنظيم جو اجلاس منعقد ڪرڻ لاءِ سمور?? ادارن ۽ کاتن گڏيل سه??ار سان بهتر انتظام ڪيا آهن. پاڪستان علائقائي سه??ار ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، جٽادار ترقي لاءِ خطي ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي، هڪ سياسي پارٽي احتجاج جو سڏ ڏئي ايس سي او کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي، قومي اهميت جي ايونٽ جي موقعي تي احتجاج هاڪاري پيغام ناهي، پي ٽي آءِ کي احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ گهرجي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ به ساڻس گڏ هو. ان کان پهرين ايس سي او سربراهه ڪانفرنس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جي قيادت نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وفاقي وزير عطاالله تارڙ ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان لاءِ تيار آهي، ايس سي او اجلاس ۾ ميمبر ۽ مبصر ملڪن جا سربراه ۽ نمائندا شريڪ ٿيندا، ڀارت جو پرڏيهي وزير به ايس سي او ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان پوءِ پاڪستان وڏي عالمي ايونٽ جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ شاندار ميزباني جي ذميداري احسن طريقي سان انجام ??ين??و. هن چيو ته چين جو وزيراعظم پاڪستان جو دورو ڪندو، ڀارتي پرڏيهي وزير پاران ٻه طرفي ملاقات لاءِ ڪا به درخواست ناهي ملي. ايس سي او سيڪريٽري جنرل ميڊيا کي ڪانفرنس بابت بريفنگ ??ين??و. اسحاق ڊار چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت، پرڏيهي وزارت، سميت سمورا اسٽيڪ هولڊرز ايس سي او جي تيارين ۾ پنهنجون ذميواريون انجام ??ين?? مان انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان، سمور?? ادارن ۽ کاتن گڏيل سه??ار سان بهترين انتظام ڪيا آهن. هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي 2014ع ۾ به چين جي صدر جي دوري جي موقعي تي ڌرڻو هنيو هو، ۽ اها ئي پارٽي احتجاج جو سڏ ڏئي ايس سي او کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي، قومي اهميت جي ايونٽ جي موقعي تي احتجاج هاڪاري پيغام ناهي، اهم موقعي تي احتجاج هڪ سياسي پارٽي کي نٿو سونهين، ملڪي مفاد ۾ پي ٽي آءِ کي 15 آڪٽوبر جي احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ گهرجي، غلطيون ورجائڻ بجاءِ هي ماڻهو پنهنجي اصلاح ڪن. نائب وزيراعظم چيو ته 2021ع کان افغانستان ايس سي او اجلاسن ۾ شريڪ ناهي ٿيو، ايس سي او اجلاس جي ڪوريج لاءِ سڌ سماءَ واري وزارت ۽ پاڪستان ٽيلي و??زن جا انتظام ساراهه جوڳا آهن. پاڪستان علائقائي سه??ار ۽ رابطن کي هٿي و??رائڻ لاءِ پرعزم آهي، جٽادار ترقي لاءِ خطي ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي. اسحاق ڊار چيوته پاڪستان جي عالمي سطح تي اڪيلائپ وارا مفروضا ختم ٿي و??ا، ملائيشيا جي وزيراعظم ۽ سعودي و??د جا دورا انتهائي ڪامياب رهيا، پاڪستان سمورن عالمي فورمن تي فلسطين ۽ ڪشمير جي تڪرارن کي اجاگر ڪيو آهي، ۽ فلسطينين لاءِ امداد موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.