اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چين جي قومي ڏينهن تي چيني قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته صدر شي جن پنگ جي ولولا انگيز قيادت ۾ چين غيرمعمولي ترقي جا هدف حاصل ڪيا آهن. ايڪس تي پنهن??ي پيغام ۾ وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن بر??در آهن، اسان جي اسٽريٽجڪ حصيداري وقت سان گڏوگڏ مضبوط کان مضبوط تر ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين روڊ اينڊ بيلٽ منصوبي جي فليگ شپ پراجيڪٽ (سي پيڪ) جي مڪمل ڪاميابي ل??ءِ پرعزم آهن. وزيرا??ظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان چين سان هر شعبي ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي ل??ءِ پنهنجي ل??ڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪريون ٿا.