اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) سينيٽ اجلاس ۾ حڪومت ميمبر شهادت اعواڻ ۽ مخالف ڌر ميمبر سيف الله ابڙو وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو، ٻنهي س??نيٽرن هڪٻئي کي ڀاڪر پاتو. گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس شروع ٿيڻ کانپوءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران ٻنهي ميمبرن ۾ ٿيل سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ ايوان ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي، جنهن سبب ايوان ??ي ڪارروائي ۾ 15 منٽن جو وقفو ڪيو ويو هو. وقفي کانپوءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن و??ري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته وقفي دوران ??ينيٽ چيئرمين سان ??ڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن جي ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ان معاملي کي خوش اسلوبي سان ??ل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ سينيٽ چيئرمين ان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هاڻي اسان چاهيون ٿا ته ٻئي س??نيٽرز هڪٻئي کي ڀاڪر پائين ته جيئن ايوان ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ و??ري صورتحال ختم ٿئي جنهن کانپوءِ وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز ٻنهي ميمبرن کي ڀاڪر پارايو. ان موقعي تي ٻين سينيٽرن پڻ ايوان ۾ خوشگوار ماحول تي خوشي جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اها ئي رواي?? آهي ته اسان هڪٻئي سان ڀائيچ??ري سان ??هون ۽ ان کان ??ڳ انهي ميمبرن پاران هڪٻئي جي ب??ري ۾ جيڪي رمار??س ڏنا ويا هئا انهن کي ڪارروائي مان ??ذف ڪيو وڃي. ان کان ??ڳ سينيٽر مسرور خان ۽ سينيٽر ثمينه ممتاز زهري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻنهي ميمبرن وچ ۾ ٿيل ڇڪتاڻ وارو معاملو اٿاريو ۽ معاملي کي س??ي طريقي سان ??ل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي پر اها ڪميٽي غير جانبدار هجي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪنهن به معزز ميمبر کي اهو حق حاصل ناهي ته هو ڪنهن ٻئي جي ب??ري ۾ فتوا ج??ري ڪري، قائدا ۽ قانون ان لاءِ ٺاهيا ويندا آهن ته انهن تي عمل ڪيو وڃي، اهو معاملو سينيٽ چيئرمين کي موڪلڻ گهرجي جيڪو هن ايوان ??و ڪسٽيوڊين آهي. هو معاملي جي جاچ ڪري، مناسب حڪم ج??ري ڪري سگهي ٿو.