اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي و??ير عبدالعليم خان چيو آهي ته موٽر ويز ۽ ها??ِ ويز جي سروس ايرياز ۾ شيون مهانگيون ٿيڻ جو نوٽيس ورتو وڃي. ??ذر??ل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ موٽر ويز ۽ ها??ِ ويز جي سروسز ايرياز ۾ کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿيڻ جي معاملي تي آسيه ناز تنولي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي وفاقي و??ير عبدالعليم خان ايوان کي ٻڌايو ته اها حقيقت آهي ته انهن ايرياز ۾ اگهه وڌيڪ آهن، پرائيس چيڪنگ اختيار ضلعي ۽ صوبائي ا??تظ??ميه جو آهي، وزارت ضلعي ا??تظ??ميه جي سهڪار سان چيڪنگ پڻ ڪئي آهي. هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته سروسز ايرياز ۾ شين جا اگهه ۽ معيار معمول موجب هجي ۽ ان حوالي سان قدم کنيا ويندا. زهره ودود فاطمي جي سوال تي هن چيو ته چيڪنگ جا اختيار مقامي ميجسٽريٽ وٽ هوندا آهن، جيڪڏهن انهن ايرياز ۾ معيار موجب شيون نه هونديون ته انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي، اگهن کي معمول تي آڻڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. وفاقي و??ير چيو ته انهن ايرياز ۾ هاڻي برانڊز پنهنجا آئوٽ ليٽس کوليا آهن، ابرابر احمد جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ضلعي ا??تظ??ميه سميت وزارت پڻ چيڪنگ جي حوالي سان هڪ طريقيڪار تيار ڪندي، هن چيو ته جي ٽي روڊ جي حالت صحيح ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.