اسلام آباد – 03 – ??يپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 4 کان 8 سيپٽمبر ت??ئين برطانيا جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ برطانوي نائب وزيراعظم انجيلا ريز سان ملاقات ڪند??. ه?? برطانيا جي پرڏيهي، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن واري سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڊيوڊ ليمي سان پڻ تفصيلي مُلاقات ڪندو. بيان موجب نائب وزيراعظم برطانيا جي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ برطانيا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نمائندن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.