اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته موذي مرضن ۾ مبتلا ماڻهو ايندڙ سال حج نه ڪري سگهندا. گذريل ڏينهن وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت ملڪ جي مذهبي معاملن واري وزارت کي حج 2025ع بابت ايڊوائيزري موڪلي آهي جنهن موجب موذي بيما??ين ۾ مبتلا ماڻهو ايندڙ سال حج ل??ءِ روانو نه ٿي سگهندا. جاري ڪيل حج ايڊوائيزري موجب موسم ??ي شدت کي نظر ۾ رکندي صرف صحتمند ماڻهن کي حج ل??ءِ سفر جي اجازت ڏني ويندي. جڏهن ته گڙدن، دل، ڦڦڙن ۽ ڪينسر جهڙين بيما??ين سميت ٻين موذي بيما??ين ۾ مبتلا ماڻهو ۽ 12 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار ۽ ڳورها??ين عورتن کي حج ل??ءِ سفر جي اجازت نه ڏني ويندي. ترجمان موجب حج ل??ءِ گردن ٽوڙ بخار، ڪورونا، موسمياتي انفلوئنزا ۽ پوليو ويڪسين لڳائڻ لازمي هوندي.