اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري قومي سطح تي ٻيلن جي شرح ۾ واڌ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، عوام سانوڻي جي ??ڻڪاري مهم ۾ اڳيان وڌي حصو وٺي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ وڻڪاري مهم تحت ٻوٽا لڳائيندي ڳالهين دوران ڪيو. صدر مملڪت بلاول هائوس ڪراچي ۾ سالياني سانوڻي جي ??ڻڪاري مهم تحت نم جو ٻوٽو لڳايو، 18 آگ??ٽ پاڪستان ۾ سانوڻي ۾ وڻ لڳائڻ جي ??ومي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. صدر مملڪت چيو ته قومي سطح تي ٻيلن جي شرح ۾ واڌ جي ضرورت آهي، عوام موسمياتي تبديلي، عالمي گرمي پد ۾ واڌ جي ??اڪاري اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائين. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، نوجوان ۽ سول سوسائٽي ٻيلن جي ايراضي کي وڌائڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ ۾ مدد ڪن. صدر مملڪت چيو ته نم ما??ول دوست وڻ آهي جنهن جا بيشمار ما??ولياتي فائدا آهن، نم صاف هوا، ٿڌي ڇانوَ کان علاوه قدرتي طور مڇرن کي ڀڄائي ٿو. صدر مملڪت چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ??زارت عظميٰ جي حيثيت سان پهرين حڪومتي دور ۾ موسميات جي ??زير طور خدمتون انجام ڏنيون ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ??هرين دور ۾ وڻ لڳائڻ جي ??هم جي شروعات ڪئي، جنهن جي ??تيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ نم جا وڻ لڳايا ويا. صدر مملڪت چيو ته اڄ پاڪستان ۾ وڌ??دڙ گرمي پد کي نظر ۾ رکندي وڻ لڳائڻ جي ضرورت اڃا وڌيڪ وڌي وئي آهي، قوم خاص ڪري نوجوان ۽ سول سوسائٽي سانوڻي جي ??وسم ۾ وڻڪاري مهم ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن. صدر مملڪت چيو ته بهتر ما??ول لاءِ پنهنجي ??اڙن ۽ ڀرپاسي ۾ وڌ کان وڌ وڻ لڳائين. صدر مملڪت چيو ته سانوڻي جي ??ڻڪاري مهم ٻيلن ۾ واڌ، ملڪ ۾ ساوڪ وڌائڻ، ما??ول کي صحتمند ۽ صاف بڻائڻ جو بهترين موقعو آهي. ٻيلن ۽ ساوڪ ۾ واڌ اسان جي ??احول کي اسان جي اي??دڙ نسلن لاءِ صحت مند ۽ محفوظ بڻائيندا. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان مينگرووز جي بحالي جو ڪاميابي قدم کنيو آهي، سنڌ ۾ لکين ايڪڙ ايراضي تي مينگرو وز لڳايا ويا آهن، اسان مينگرووز کي وڌائڻ ۽ وڌيڪ وڻ لڳائڻ لاءِ پرعزم طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهيون. صدر مملڪت چيو ته معاشري جا سمورا طبقا گرمي پد کي گهٽ ڪرڻ، ساوڪ ۽ ٻيلا وڌائڻ لاءِ وڻڪاري مهم ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن.