اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته 5 آگسٽ والاريل ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آه??، ڀارت 2019ع ۾ ان ڏينهن تي غيرقانوني ۽ هڪ طرفو قدم کڻي ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪيو، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. 5 آگسٽ تي دنيا آڏو نه رڳو ڀارت جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿيو، پر ڪشميرين تي ختم نه ٿيندڙ ظل?? پڻ سڀني آڏو واضح ٿيو. پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته ڪشميري عوام جي جدوجهد کي سلام پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته ڀارت ڪشميرين کان ??اص حيثيت کسي انسانيت خلاف ڏوهه ۽ ڪشميري قوم جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي. سندس چوڻ هو ته ڪشميري نوجوانن کي روزانو جعلي مقابلن ۽ هٿ ٺوڪين سرچ آپريشنن ۾ عدالت کان مٿانهان قدم کڻي کين شهيد ڪيو پيو وڃي. ڪشميري قيادت قيد ۾ آهي، هن چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير دنيا جو سڀ کان وڏو کليل جيل ۾ تبديل ٿي چڪو آه??، ڀارت جا سمورا ظلم ان ??اوجود به ڪشميرين جي آزادي واري جذبي کي گهٽائي نه سگهيا آهن. هن چيو ته والاريل ڪشمير جو بحران ??المي برادري جي بي حسي جو نوحو آهي، عالمي برادري کي ڪشميري عوام جي آواز تي جاڳڻو پوندو، انشالله ڪشميري ڀائر ۽ ڀينرون آزادي جو سج ضرور ڏسندا. محسن نقوي چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان هر محاذ تي گڏ بيٺل آهي ۽ هر فورم تي سندن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي امداد جاري رکندي.