اسلام ??باد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف پاڪ فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز جون قرباني??ن لازوال آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي ل??نت کي مڪمل ختم ڪرڻ جي ل??ءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ڇانوڻي تي هڪ وڏو دهشتگرد حملو ناڪام ??ڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ??ندي 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم بنون ڇانوڻي ۾ دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن نائب صوبيدار محمد شهزاد، حوالدار ظل حسين، حوالدر شهزاد احمد، سپاهي اشفاق حسين خان، سپاهي سبحان مجيد، سپاهي امتياز خان، سپاهي ارسلان اسلم ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي ل??نس نائيڪ سبز علي جي درجن جي بلندي ل??ءِ دعا ڪئي ۽ شهيدن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪ فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز جون قرباني??ن لازوال آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته اسان حملي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا، دهشتگردي جي ل??نت کي مڪمل ختم ڪرڻ جي ل??ءِ پرعزم آهيون.