اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپ?? گرانڊي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن افغان پناهگيرن تي خصوصي ??يا?? سان گڏ عالمي پناهگيرن جي صورتحال بابت وسيع مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يو اين ايڇ سي آر جي وچ ۾ پراڻي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. هاءِ ڪمشنر فليپ?? گرانڊي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ تعاون کي ساراهيندي ان کي ملڪ جي مهمان نوازي جو هڪ شاندار مثال قرار ڏنو. هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي يو اين ايڇ سي آر جي جاري منصوبن بابت بريفنگ ڏني ۽ پاڪستان ۽ يو اين ايڇ سي آر جي وچ ۾ پائيدار رابطن ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير افغان پناهگيرن جي حوالي سان پاڪستان جي موقف ۽ ترجيحن کان پڻ آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سڄي دنيا ۾ اڀرندڙ نئين انساني صورتحال سان عالمي ??يا?? کي لکين افغانين جي ضرورتن تان هٽائڻ نه گهرجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عالمي يڪجهتي جي مسلسل مظاهري ۽ عالمي ذميواري ۽ بار ونڊڻ جي اصول تي وفاداري سان عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ هاءِ ڪمشنر افغان پناهگيرن کي ضروري امداد جي فراهمي ۽ انهن جي سٺي، محفوظ ۽ باوقار واپسي جي لاءِ پائيدار حل جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.