اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪلاڊيا شين بام کي ميڪسيڪو جي پهرين عورت صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? چيو ته آئون ميڪسيڪو جي پهرين عورت صدر جي طور تي ت??ها?? جي تاريخي چونڊ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صد?? چيو ته اها ڳالهه فخر جوڳي آهي ته شهيد محترمه ??ينظير ڀٽو مسلمان دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي. ??ن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت ۽ عورتن جي خودمختياري جي لاءِ جدوجهد ڪئي. صد?? چيو ته اسان ت??ها?? جي قيادت ۾ ميڪسيڪو سان ٻطرفا لاڳاپا مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. صدر آصف علي زرداري ميڪسيڪو جي صدر جي ڪاميابي ۽ ميڪسيڪو جي خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.