برسلز – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پهرين نيوڪليئر انرجي س??ٽ ۾ شرڪت جي لاءِ بيلجيئم جي گادي واري شهر برسلز جو دورو ڪيو، پرڏيهي وزير سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال خاص طور تي بجلي جي پيداوار ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ??وجب هن موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏي?? جي لاءِ ائٽمي توانائي ??ي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ??وسمياتي تبديلين ۽ موسمياتي آفتن کان شديد متاثر ٿيندڙ ملڪ طور گهٽ ڪاربن توانائي جي ذريعن سان گڏ توانائي کي مناسب بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن اسرندڙ ملڪن جي توانائي جي تحفظ کي يقيني بڻائ?? جي لاءِ فني مدد ۽ گهڻ رخي مالياتي ادارن پاران ??الي امداد جي فراهمي س??يت عالمي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. هن سويلين نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پنهنجي تجربي ۽ مهارت کي ٻين ملڪن خاص طور تي اسرندڙ ملڪن سان شيئر ڪر?? جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان ??وجب پرڏيهي وزير آءِ اي اي اي جي ڊئريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي سان ??لاقات ۾ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال کي وڌائڻ ۾ آءِ اي اي اي جي ڪردار کي ساراهيو. هن انرجي مڪس ۾ ائٽمي توانائي جي حصي کي وڌائ?? جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ايجنسي جي فني تعاون ??ي اهميت تي زور ڏنو جنهن ۾ پاڪستان به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ بئنڪن کي گهرجي ته اهي اسرندڙ ملڪن ۾ ائٽمي توانائي جي منصوبن جي حمايت ڪن ته جيئن اهي پنهنجي توانائي جي ضرورتن کي پورو ۽ زيرو اخراج جي هدفن کي حاصل ڪري سگهن. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز جي دوري دوران چين جي نائب وزيراعظم زانگ گوچنگ، آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف، ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان ??يدان ۽ گڏيل عرب امارات جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير الماز روئل سهيل سان ??ڻ ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ تي ڳالهه ٻ??لهه ٿي. بيلجيئم جي وزيراعظم ۽ ڊائريڪٽر جنرل عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي جي گڏيل ميزباني ۾ سربراهه اجلاس ائٽمي توانائي ۾ تعاون جي ڳولا، فوسل فيوئل ??ي استعمال کي گهٽ ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ عالمي اڳواڻن کي شامل ڪر?? جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪيو. هي ائٽمي سائنس، ايپلي ڪيشنز ۽ پاور تي عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان ??اڪستان جي مصروفيت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو پڻ هڪ اهم موقعو هو.