اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) 19 رڪني نئين وفاق?? ڪابينا حلف کڻي ورتو. حلف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. صدر آصف علي زرداري نئين وفاق?? ڪابينا جي ميمبرن کان هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف ورتو. وفاق?? ڪابينا جي حلف برداري واري تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، هٿياربند فوج جي اعليٰ آفيسرن سميت اسلام آباد ۾ مقرر غيرملڪي سفارتڪارن، قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. وفاق?? ڪابينا ۾ 19 وزيرن کي شامل ڪيو ويو آه??. جن ۾ خواجه محمد آصف، محمد اسحاق ڊار، عطاءُ الله تارڙ، عبدالعليم خان، احسن اقبال، سيد محسن نقوي، شيزه فاطمه خواجه، ڄام ڪمال خان، راڻا تنوير حسين، مصدق ملڪ، اعظم نذير تارڙ، خالد مقبول صديقي، قيصر شيخ، رياض پيرزاده، احد چيما، اويس لغاري، چوڌري سالڪ حسين ۽ محمد اورنگزيب شامل آه??.