لاهور-08 فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف چيو آهي ته ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ آهن ته هڪ پارٽي کي اڪثريت ملڻ ضروري آهي. خميس ڏينهن لاهور ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام گهرن مان نڪري ۽ ووٽ ڪاسٽ ڪري. ??نش??ءُ الله مهانگائي جو خاتمو ٿيندو ۽ ماڻهو خوشحال زندگي ??ذاري سگهندا. اها ئي ماڻهن جي خوا??ش آهي ۽ ان خواب کي پورو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جي منشور ۾ سڀ شيون تفصيل سان لکيل آهن ته عوام جا حق س??دن در تائين پهچايا ويندا. مريم نواز کي پنجاب جي وزيراعليٰ بڻائڻ جي سوال تي ليگي قائد چيو ته پارٽي لاءِ مريم نواز ?? شهباز شريف جون وڏيون قربانيون آهن، مريم جو نتيجي کانپوءِ فيصلو ٿيندو، اهو پارٽي فيصلو ڪندي، بنا شڪ جي شهباز شريف ۽ مريم جون پارٽي لاءِ بي پناهه قربانيون ۽ جدوجهد آهي.