اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پ?? پي) نگران پرڏيهي ??زير جليل عباس جيلاني سان يورپي يونين جي افغانستان بابت خصوصي ايلچي ٽامس نڪلسن ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن امن ۽ سلامتي جي صورتحال سميت علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي ??زير فائديمند ۽ بامقصد تعاون ??ي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڳالهين واري عمل جي بهترين استعمال تي زور ڏنو.