اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي روس سان ٻطرفا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏيندي چيو ??هي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ روس جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڊ??نيلا گاينچ سان مل??قات دوران ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو ??ه پاڪستان روس سان ڊگهي مدي ۽ گهڻ رخي حصيداري جو خواهشمند آهي، پاڪستان روس سان واپار، معيشت، خوراڪ جي تحفظ، توانائي، دفاع ۽ عوامي رابطن سميت سمورن شعبن ۾ تعاون چاهي ٿو. هن چيو ??ه پاڪستان روس سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ننڍي مدي وارن فورمز تي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ??ه پاڪ روس لاڳاپا گڏيل قومن جي مرڪزيت ۽ اصولن تي ٻڌل عالمي نظام جي گڏيل موقف تي ٻڌل آهن. صدر غزه جي صورتحال، فلسطيني عوام تي اسرائيلي ظلمن تي روشني وجهندي عورتن، ٻارن، صحافين سميت هزارين فلسطينين جي قتل جي مذمت ڪئي. صدر پاڪستان سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ سفير جي ڪردار کي ساراهيو. صدر روسي سفير جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.