اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آ??ي ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، ڪشمير مسئلي جي پُرامن حل تائين خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ناممڪن آهي، پاڪستان دنيا جي سمورن علائقن ۽ عالمي فورم تي ڪشميري عوام جي خوداراديت واري تحريڪ جي حمايت ڪري ٿو ۽ ڪشمير جي آزاديءَ تائين ڪشمير عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. آزاد ڄمون ڪشمير جي 76هين يومِ تاسيس جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، هي ڏينهن هر سال 24 آڪٽوبر تي 1947ع جي آزاد ڄمون ڪشمير رياست جي قيام جي ياد ۾ روايتي جوش ۽ـ خروش سان ملهايو وڃي ٿو. هي ڏينهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق ڀارت جي غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير جي آزاديءَ تائين جدوجهد جاري رکڻ جي عزم کي ورجائي ٿي. اسپيڪر آزاد ڪشمير جي شهيدن ۽ هيروز کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ان شهيدن جي عظيم قربانين کي ڪڏهن به وِسار?? نٿو سگهجي. هن چيو ته آزاد ڪشمير جو هي علائقو ان سرزمين جي بهادر پُٽن جابر ڊوگره حڪمرانن کان آزاد ڪرايو هو. هن چيو ته گذريل 76 سالن ۾ آزاد ڪشمير ۾ زندگيءَ جي تقريبن هر شعبي ۾ زبردست ترقي ڏسڻ ۾ آئي آهي. آزاد ڄمون ڪشمير پنهنجي عوام جي زندگين کي بهتر بنائڻ، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ هڪ جمهوري سيٽ اپ جي قيام ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آ??ي. هن چيو ته حڪومت پاڪستان جي سفارتي حمايت سان آزاد ڪشمير حڪوم?? جو ڪردار ڪشميرين جي جدوجهد آزادي خاص طور تي بين الاقوامي سطح تي اهم ڪردار رهيو آ??ي. هن چيو ته بين الاقوامي معاهدن مطابق ڄمون ڪشمير کي پاڪستان جي شه رڳ قرار ڏنو وڃي ٿو. هن ڀارت جي مڪروه چهري کي بي نقاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق ڀارت ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل نٿو ڪري سگهي.