بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر ۽ سي پي سي جي ڊسپلين انسپيڪشن بابت مرڪزي ڪميشن جي سيڪريٽري لي شي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ، اقتصادي تعاون خاص طور تي ??ي پيڪ تي ڀرپور طريقي سان ڪم ڪرڻ تي ??تفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ جي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر ۽ سي پي سي جي ڊسيپلين انسپيڪشن بابت مرڪزي ڪميشن جي سيڪريٽري لي شي سان ڪالهه اربع ڏينهن بيجنگ ۾ ملاقات ٿي. نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ لي شي کي چين پ??را?? ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي شاندار انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس پولٽ بيورو اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ميمبر چونڊجڻ تي پڻ مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستا?? ۽ ??ين جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي اهم معاملن تي ??نا مشروط تعاون تي ??تفاق ڪيو. هن اقتصادي تعاون خاص طور تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي تعمير تي نئين جوش ۽ جذبي سان ڀرپور ڌيان ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ چين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ڪاٿي کي وڌائڻ جي قدمن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انهن شعبن ۾ انفارميش?? ۽ ??ميونيڪشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، انفراسٽرڪچر ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان گڏوگڏ صنعتي ??عاون ۽ خصوصي اقتصادي زونز جي تعمير شامل آهي. نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ ۽ لي شي ڪرپشن جي خاتمي ۽ مالي نظم ۽ ضبط تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم لي شي کي پاڪستان حڪومت جي شفافيت ۽ حصيداري گورننس جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ چين جي ان حوالي سان تجربن مان فائدو کڻڻ دلچسپي جو اظهار ڪيو.