ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪاروبار?? برادري جو اهم ڪردار آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل س??ن ملڪ ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرئين سيڙپڪاري ٿيندي، ڪراچي جي واپار?? برادري کي سهولتون ڏيڻ ۽ انهن جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آه??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر طارق يوسف ۽ چيف ايگزيڪيوٽو زبير موتي والا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ??ن موقعي تي وزيرن سيد نويد قمر، سيد امين الحق، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، مملڪتي وزير مصدق ملڪ، خاص معاونين طارق باجوه، طارق پاشا، جهانزيب خان، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئ??. و??يراعظم چيو ته ڪراچي جي واپار?? برادري کي سهولت ۽ انهن جي مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ملڪي معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪاروبار?? برادري جو اهم ڪردار آهي، ڪراچي ۾ بجلي ۽ گئس جي منصفاڻي ورڇ جي لاءِ توهان جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ مثبت ڪاروباري ماحول قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن، حڪومت 10 هزار ميگاواٽ شمسي بجلي جو منصوبو ٺاهيو آهي جنهن ۾ ٻاهريان سيڙپڪار گهري دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) س??ن ملڪ ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرئين سيڙپڪاري ٿيند??. و??يراعظم هدايت ڪئي ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جا عملدار واپار?? برادري سان تعاون سان انهن جا مسئلا حل ڪن. هن چيو ته حڪومت ڪراچي جي واپارين کي هڪ قيمت تي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائيندي. ??ن موقعي تي ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ واپار?? برادري جي اڳواڻ زبير موتي والا واپار?? برادري جي مسئلن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪيون ۽ وزيراعظم جي واپار?? برادري جي مسئلن جي حل لاءِ قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو.