اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي جي اثاثن کي نيلام ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو، اسان اقتدار ۾ اچي قومي اثاثن کي عوام جي لاءِ استعمال ڪيو، انهن کي نيلام نه ڪيو، اڳوڻو اطلاعات وارو ??زير هر شيءَ کي وڪڻي ڇڏيو جي پاليسي کڻي آيو هو، اسان پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان کي ۾ معاشي بحالي جو منصوبو ??رو?? ڪيو، پي ٽي وي هلندڙ سال رڪارڊ 5.5 ارب رپين جو رڪارڊ منافعو ڪمايو، پي ٽي وي پشاور، ملتان ۽ ڪراچي تان علائقائي زبانن جي نشريات 24 ڪلاڪ ??رو?? ڪري ڇڏي آهي، ريڊيو پاڪستان ۾ 12 نوان اسٽوڊيوز قائم ڪيا آهن، ريڊيو پاڪستان جي عمارتن جي حدن ۾ عوام کي سستي تفريح جي فراهمي لاءِ نوان سئنيما هائوسز ٺاهيا پيا وڃن. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرپرسن جويريه ظفر آهير ڪئي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن کانسواءِ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، ڊي جي پيمرا سميت اطلاعات واري وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت 2018ع ۾ ريڊيو ۽ پي ٽي پي کي پرائيويٽ ڪرڻ جي لاءِ ان جي اثاثن کي نيلام ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو، اسان انهن ادارن ۾ معاشي بحالي جي منصوبي جي ??رو??ات ڪئي. هلندڙ سال پي ٽي وي 5.5 ارب رپين جو رڪارڊ منافعو حاصل ڪيو، پي ٽي وي جي ان آمدني جي ڏس ۾ اسان سمورن ڪانٽريڪٽ مل??زم?? کي ريگيولر ڪيو. هن چيو ته پي ٽي وي پشاور سينٽر تان علائقائي زبانن جي نشريات کي 24 ڪلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي طرح پي ٽي وي لاهور جي سمورن اسٽوڊيوز کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ورچوئل جو اسلام آباد سينٽر ۾ اسٽوڊيو قائم ڪيو ويو آهي جڏهن ته ملتان ۾ سرائيڪي زبان ۾ نشريات کي 24 ڪلاڪ ??رو?? ڪيو آهي. هن چيو ته پي ٽي وي پشاور سينٽر تان پشتو زبان جي نشريات جو وقت 24 ڪلاڪ ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح سنڌي زبان ۾ نشريات پي ٽي وي ڪراچي تان 24 ڪلاڪ نشر ڪئي پئي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي اڪيڊمي ۾ پي ٽي وي فلم انسٽيٽيوٽ جي ??رو??ات ڪئي وئي آهي. ان اڪيڊمي ۾ ميڊيا جي ماڻهن لاءِ ڪورسز ??رو?? ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ معاشي بحالي جو سفر جاري آهي، ريڊيو پاڪستان لاهور ۽ پشاور جي حدن ۾ سئنيما قائم ڪيون پيُون وڃن جن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي. ان کانسواءِ ريڊيو پاڪستان اسلام آباد ۾ 12 نوان اسٽوڊيوز قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 9 مئي تي ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارت کي ساڙيو ويو، ان جا سمورا آرڪائيوز سڙي ويا هئا، اسان ان عمارت جي بحالي ۽ رنگ روغن جي منصوبي جي ??رو??ات ڪئي آهي. ان کانسواءِ ريڊيو پاڪستان جي سمورن آرڪائيوز کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جو ڪم پڻ ??رو?? ڪيو ويو آهي. فلم پاليسي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت پهريون ڀيرو 18 – 2017ع ۾ فلم پاليسي جو بنياد رکيو، هن سال بجيٽ ۾ ان پاليسي جي لاءِ رقم به رکي وئي. هن چيو ته فلم پاليسي ۾ فلم سازن ۽ ٻين ڌرين جي لاءِ مراعتن جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته فلم واحد صنعت آهي جيڪا ٽيڪس فري آهي. فلم پاليسي تي عملدرآمد ??رو?? ڪري ڇڏيو آهي، ان جو ويزن رڳو فلم کي سگهه ڏيڻ نه پر اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي ملڪ جي بيانيي ۽ تشخص کي به اجاگر ڪرڻ آهي. هن چيو ته فلم جي شعبي کي انڊسٽري جو درجو ڏنو ويو آهي ته جيئن نوجوان ان شعبي جو حصو بڻجي سگهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فنڪارن ۽ صحافين جي لاءِ هيلٿ انشورنس جي پڻ ??رو??ات ڪئي پئي وڃي. وفاقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ پهريون ڀيرو ??لم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ مجموعي طور تي 3 ارب رپين جا فنڊز رکيا ويا آهن. هن چيو ته گذريل 14 مهينن دوران ڏينهن رات محنت ڪري انهن منصوبن کي پڄاڻي تائين پهچايو. اسان اقتدار ۾ اچي قومي اثاثن کي عوام جي لاءِ استعمال ڪيو، انهن اثاثن کي نيلام ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي جڏهن ته اڳوڻو اطلاعات وارو ??زير هر شيءَ کي وڪڻي ڇڏيو جي پاليسي کڻي آيو هو. هن چيو ته اڄ قومي نشرياتي ادارا بهتر طريقي سان عوام کي اطلاعات جي فراهمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.