??سل??م آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف نائنٿ ايونيو ۽ خيابان اقبال جي سنگم شاهين چوڪ تي فل??ئي اوور جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ و??ير??عظم فل??ئي اوور جي پيڙهه جو پٿر رکيو. تقريب ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ حنيف عباسي، سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ راولپنڊي، ??سل??م آباد سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. سي ڊي اي چيئرمين و??ير??عظم کي منصوبي بابت بريفنگ ڏني. و??ير??عظم کي ٻڌايو ويو ته ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ٽريفڪ جي رواني ۾ آساني ٿيندي ۽ شاهين چوڪ هڪ سگنل فري چوڪ بڻجند??، منصوبي تي 2 ارب لاڳت ايندي. شروعاتي طور تي ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جو مدو 8 مهينا مقرر ڪيو ويو هو پر و??ير??عظم جي هدايت تي ان کي 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. شاهين چوڪ فل??ئي اوور، اليونٿ ايوني??، مارگلا ايونيو، نائنٿ ايونيو ۽ سري نگر هاءِ کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو.