اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ڇهين پاڪستان فارما سمٽ ۽ ايوارڊز (PESA – 2023) ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران ج??ري بيان موجب پاڪستان ۾ تيار ڪيل دوائن جي روانگي واپار جي فروغ جي موضوع تي منعقد ان تقريب ۾ پاڪستان مان دوائن جي برآمد جي 50 وڏين ڪمپنين کي ايوارڊ کي پڻ ڏنا ويندا. وزيراعظم تقريب ک?? خطاب پڻ ڪندو.