اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ??اڪ??تان سن?? طاس معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي جنهن ۾ تڪرارن جي حل جو طريقيڪار به شامل آهي. هيگ ۾ قائم عالمي ثالثي عدالت پاران پاڪ ڀارت پاڻي تڪرارن جي ٻڌڻي جي اهليت جي حوالي سان م??ڊي?? جي سوالن جا جواب ڏيندي ترجمان چيو ته ??اڪ??تان حڪومت عالمي ثالثي عدالت جي فيصلي کان آگاهه آهي، جنهن ۾ ان جي اهليت ۽ ڪشن گنگا ۽ راتلي هائيڊرو اليڪٽرڪ پرجيڪٽس بابت ??اڪ??تان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرارن تي اڳ??ي وڌڻ جو طريقيڪار، سن?? طاس معاهدي جي تشريح ۽ لاڳو ڪرڻ جا وسيع تر سوال شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته عدالت اهليت کي برقرار رکيو آهي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته هاڻي اها تڪرار جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اڳ??ي وڌندي. هن چيو ته سن?? طاس معاهدو ??اڪ??تان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جو بنيادي معاهدو آهي. ??اڪ??تان تڪرارن جي حل جي طريقيڪار سميت ان معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي. اسان اميد ڪريون ٿا ته ڀارت به نيڪ نيتي سان ان معاهدي تي عملدرآمد ڪندو.