اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخواهه کي ??رقي ۽ امن جو گهوارو ب??ائ?? رهنداسين، گذريل حڪومت خيبرپختونخواهه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو، بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ضم ٿيل قبائلي ضل??ن جي ترقي جي لاءِ خصوصي قدم شامل ڪيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ مسلم ليگي قيادت سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پارلياماني معاملن واري وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، سينيٽر پير ثاقب شاهه، قومي اسيمبلي ميمبرن ڪيپٽن م??مد صفدر، سجاد احمد، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن شهاب الدين خان، جمشيد محمد، اورنگزيب نلوٺا شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. خيبرپختونخواهه جي ايندڙ چونڊن ۾ تفصيلي مشاورت پڻ ڳالهه ٻولهه جو حصو رهي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي ??جيٽ 24 – 2023ع ۾ خيبرپختونخواهه ۽ قبائلي ضل??ن جي ترقي جي لاءِ قدم شامل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه کي ??رقي ۽ امن جو گهوارو ب??ائ?? رهنداسين. گذريل حڪومت خيبرپختونخواهه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو. بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ضم ٿيل قبائلي ضل??ن جي ترقي لاءِ خصوصي قدم شامل ڪيا آهن. يقيني ب??ائ??نداسين ته وفاقي حڪومت جي صحت ۽ تعليم جي منصوبن مان خيبرپختونخواهه جي عوام ڀرپور فائدو کڻي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي باصلاحيت نوجوانن کي ??سان شرطن تي قرض ۽ ليپ ٽاپ ڏينداسين. خيبرپختونخواهه جي آبادگارن کي معياري ٻج ۽ وقت سر ڀاڻ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪنداسين. سرحدي ضلعن ۾ واپار ۾ سهولت فراهم ڪري ماڻهن جون معاشي مشڪلاتون ختم ڪنداسين.