راولپنڊي-08 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پي ٽي آءِ چيئرمين عمرا?? خان جي الزامن کي من گهڙت ۽ بدنيتي ??ي ٻڌل قرار ڏيندي چيو آهي ته ادارو ڪوڙ، غلط بيانن ۽ پروپيگنڊا خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو حق محفوظ ر??ي ٿو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين بنا ثبوتن جي انتهائي بي بنياد الزام لڳايا آهن، حاضر سروس فوجي آفيسرن تي ??نا ثبوتن جي الزام انتهائي غيرذميوارڻا ۽ بي بنياد آهن، گذريل هڪ سال کان فوجي ۽ انٽيلي جنس اهلڪارن کي چڙ ڏياريندڙ ۽ سنسني خيز پروپيگنڊا ذر??عي سياسي مقصدن لاءِ نشانو بڻايو پيو وڃي، لاڳاپيل اڳواڻن کي چئون ??ا ته هو ڪوڙا الزام لڳائڻ بند ڪن ۽ قانوني رستي ??و سهارو وٺن. ادارو واضح طور تي ڪوڙن، غلط بيانن ۽ پروپيگنڊا خلاف قانوني ڪارروائي جو حق محفوظ ر??ي ٿو.