اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي چين جو پرڏيهي وزير ڪن گينگ 5 ۽ 6 مئي تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو، پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ان جو پاڪستان جو هي پهريون سرڪاري دورو هوندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس چيني هم منصب ڪن گينگ پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي چوٿين دور جي گڏيل ??دارت ڪندا. اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ هڪ منظم طريق??ڪا?? آهي جنهن ۾ اهم شعبن ۾ ٻ??رفي تعاون جو جائزو ورتو وڃي ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڌريون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي توثيق سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ ۽ اڀرندڙ علا??قا??ي ۽ عالمي منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ??و ٽيون دور جولاءِ 2021ع ۾ چين جي شهر چينگڊو ۾ ٿيو هو.