اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان م??اش?? تباهي جي اثرن مان نڪري رهيو آهي، اپريل 2022ع ۾ ح??ومت سنڀالي ته آءِ ايم ايف پروگرام عمران حڪومت جي واعده خلافي جي ڪري معطل ه??، اپريل 2022ع ۾ اسان حڪومت سنڀالي ته پاڪستان ڪنگال ٿيڻ جي ويجهو هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻي حڪومت ويندي ويندي خزاني جي لاءِ ناقابل برداشت فيول سبسڊي ڏني جنهن جي ڪري قوم کي 100 ارب رپيا ماهوار خسارو برداشت ڪرڻو پيو. گذريل سال اسان جي ا??پو??ٽس 80 ارب ۽ روانگي واپار 31 ارب ڊالر ه??، اڳوڻي حڪومت تاريخ جو سڀ کان وڏو 49 ارب ڊالر واپاري خسارو ڏئي وئي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت 17.5 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڏئي وئي. پي ٽي آءِ جي چار سالن ۾ هر سال رڪارڊ بجيٽ خسارو ٿيندو رهيو. اڄ فيڊرل، ٽريڊ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارن سميت ملڪ جي م??اش?? صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته شديد م??اش?? مشڪلاتن جي باوجود اسان ٻوڏ جي صورتحال جو مقابلو ڪيو، متاثرين جي مدد ڪئي. پي ٽي آءِ چار سالن ۾ تاريخي 20 هزار ارب جو قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا. اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ۾ اضافو ڪيو. اسان غريب خاندانن کي مفت اٽو ڏئي رهيا آهيون ته جيئن انهن کي مهانگائي کان ريليف ملي سگهي.