اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي قيد??ن جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سزائن ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيد??ن جي نه هوندي. اهڙي طرح زنا، چوري، ڌاڙي، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي پڻ سزائن ۾ گهٽتائي لاڳو نه ٿيندي. وڌيڪ اهو ته سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن ۽ قومي خز??ني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به لاڳو نه هوندي. 65 سالن کان وڌيڪ عمر جا مرد قيدي جيڪي پنهنج?? هڪ ڀاڱي ??ي قيد ڪاٽي چڪا آهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جون عورت قيدي جيڪ?? هڪ ڀاڱي ??ي قيد ڪاٽي چڪيون آهن، انهن تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنج?? هڪ ڀاڱي سزا ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئ??ن جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي.