اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعطم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته پاڪستان جي ائٽمي ۽ ميزائيل پر??گ??ام جي حوالي سان سوشل ۽ پر??ٽ ميڊيا تي گردش ڪندڙ تازن سمورن بيانن، پر??س ريليز، سوالن ۽ مختلف دعوائن ۾ عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي جي پاڪستان جي دوري جي ڏس ۾ پرامن ائٽمي پر??گ??ام کي منفي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪستان جو ائٽمي ۽ ميزائيل پر??گ??ام هڪ قومي اثاثو آهي جنهن جي رياست غيرتمندي سان حفاظت ڪري ٿي، اهو مڪمل پر??گ??ام مُڪمل طور تي محفوظ، فول پر??ف ۽ ڪنهن به دٻاءُ کانسواءِ آهي. هن چيو ته هي پر??گ??ام ان مقصد کي هر طرح سان پورو ڪري ٿو جنهن جي لاءِ اها صلاحيت حاصل ڪئي وئي آهي.