اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري اداڪار، هدايتڪار ۽ ميزبان ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ضيآءَ محي الدين هڪ اهڙو ادبي شخصيت هو جنهن جي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي انداز ک?? عالمي شهرت نصيب ٿي. پنهنجي تع??يتي بيان ۾ هن چيو ته ضيآءَ محي الدين پاڪستان کان ٻاهر وڃي به ٿيٽر ۽ فلمن ۾ ڪم ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. هن پاڪستان ٽيليويزن تان ”پائل“، ”چچا ڇڪن“، ”ضياءَ سان گڏ“ ۽ ”جو جاني وه جيتي“ جهڙا مشهور پروگرام پيش ڪيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنهنجي خوبصورت آوا?? ۾ ??ردو ادب جا فن پارا پيش ڪري ضياءَ محي الدين وڏو نالو ڪمايو. مرحوم جي شوبز انڊسٽري جي ل??ءِ خدمتن کي س??ائين ياد رکيو ويندو. هن ضياءَ محي الدين جي گهرڀاتين سان تع??يت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تع??ليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.