اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، اڳوڻو دور ميڊيا جي لاءِ ڪ??رو ترين دور هو، گذريل دور ۾ ميڊي اتي پابنديون هنيون ويون، صحافين جا قلم ٽوڙيا ويا، انهن جا هلندي پروگرام بند ڪيا ويا، مري جي سياسي ۽ صحاف??ي اهميت ۽ صحافين جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت مري جي صحافين کي سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اها ڳالهه هن ملاقات لاءِ آيل مري پريس ڪلب جي صدر سڌير احمد عباسي جي قيادت ۾ مري پريس ڪلب جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ مري جي سياح??ي اهميت، مري پريس ڪلب ۽ صحافين کي درپيش مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مري ملڪ جو ناليو??رو سياحتي هل اسٽيشن آهي جتي سڄي ملڪ مان پورو سال لکين سياح سير جي لاءِ اچن ٿا، مقامي صحافي پنهنجي قلم ۽ ڪئميرا جي ذريعي پاڪ??تا?? خاص طور تي سڄي دنيا ۾ مري جي سياح??ي اهميت کي اجاگر ڪن ٿا. هن چيو ته مري پريس ڪلب جي ايڪريڊيٽيشن تي فوري ڪم شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته مري جي سياسي ۽ صحاف??ي اهميت ۽ صحافين جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت مري جي صحافين کي سهولتن جي فراهمي لاءِ خصوصي قدم کڻندي. ان مو??عي تي ڳالهائيندي مري پريس ڪلب جي وفد چيو ته مري ۾ ٽي هزار جي لڳ ڀڳ واپاري آهن جن کي سدائين مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ئي ڪاروباري مو??عا ۽ سازگار ماحول فراهمڪيو آهي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جڏهن به اقتدار ۾ آئي، هن مريءَ ۾سياحت جي فروغ لاءِ عملي قدم کنيا. مري پريس ڪلب جي وفد اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جا مري پريس ڪلب جا مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن جي حل جي خاطري تي ٿورا مڃيا.