اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) مو??مياتي تبديلي وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سان آمريڪي ??فد ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي سرگرمين جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر شيلا جيڪسن لي ??فد جي اڳواڻي ڪري رهي هئي، جڏهن ته ميمبرن ۾ ٽام سوزي ۽ آل گرين کان علاوه پاڪستان ۾ آمريڪا جو سفير ڊونلڊ بلوم پڻ شامل هو. مو??مياتي تبديلي وا??ي وزارت طرفان جاري بيان مطابق آمريڪي ??فد کي ٻوڏ متاثر علائقن م امدادي سرگرمين سميت متاثرن جي بحالي لاءِ گهربل امداد جي باري ۾ آگاهه ڪيو و??و. ??فاقي وزير ??فد کي ٻڌايو ته ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو شديد متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته ملڪ جا ڏاکڻا علائقا اڃا به پاڻي هيٺ آهن، جيڪي انساني صحت لاءِ خطرناڪ آهن. هن چيو ته پاڻي سبب پيدا ٿيل بيمارين جي ڪري اسان هيلٿ ايمرجنسي طرف وڃي رهيا آهيون، ٻوڏ سبب اڀرندڙ بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري امداد جي ضرورت آهي. ان موقعي تي آمريڪي ??فد ٻوڏ ۽ برساتن سبب قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪ??و. ??فد سانوڻي جي تباهڪارين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکي وقت ۾ پاڪستان سان مڪمل تعاون ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.