ڪراچي – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير ڪميٽي اوورسيز جي وائيس چيئرمين، پاڪستان جرنلسٽس فورم سعودي عرب جي صدر ۽ سماجي اڳواڻ معروف حسين چ??و آهي ته پاڪستان ڪشميرين کي معاشي سرگرمين ۽ سماجي ۽ سياسي زندگي کان محروم ڪرڻ جي ڪڌي ڪوششن کان پوري طرح آگاهه آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان سعودي عرب ۾ به مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون. سعودي عرب جي شهر جده مان ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي اي پي پي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻوله?? ۾ ??ن ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان پنهنجي اڻٿڪ ۽ مضبوط حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چ??و ته ڪشميرين ??ان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان هتي رياض سفارتخاني ۽ جده قونصليٽ ۾ به مختلف تقريبن جو اهتمام ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڀارت پار??ن والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ ڏاڍ جي خلاف موثر آواز اٿاريو وڃي. هن چ??و ته اسان جي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان انسانيت جي تاريخ جو هولناڪ ترين ??لوڪ رکيو پيو وڃي ۽ اهي ڊگهي عرصي کان غيرانساني گهيراءُ ۾ قيد آهن. هن چ??و ته اسان جو ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ڪشميرين کي ظلمن کان فوري ۽ مڪمل آزادي ڏيارڻ آهي ۽ بزدل ڀارتي فوج هٿان ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ آهي. معروف حسين ??ن اميد جو به اظهار ڪيو ته اسان جا ڪشميري ڀينر ۽ ڀائر پنهنجي جدوجهد جاري رکندا ۽ آخري وقت تائين وڙهندا ۽ ثابت قدم رهندا. جيستائين ڪشمير پاڪستان نه ٿو بڻجي وڃي.