اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) موسميات کاتي سومر 20 کان اربع 22 ج??ن تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وڏي طوفان ۽ گجگوڙ سان برساتن جي ??لسلي جي ??ڳڪٿي ڪندي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ جاري ڪندي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. موسميات کاتي پاران جاري ڪيل تازي ايڊوائيزري موجب سومر 20 کان اربع 22 ج??ن تائين ملڪ جي ??ترئين ۽ وچو وارن علائقن ۾ وسيع پئماني تي طوفان ۽ گجگوڙ سان تيز برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو. تيز برساتن جي ??ن سلسلي جي ڪري خيبرپختونخواهه، گليات، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيدنگ کانسواءِ ملڪ جي ??ڪثر علائقن ۾ ندي نالن/ دريائن ۾ طغياني ۽ نشيبي علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. اين ڊي ايم اي ان صورتحال جي ڏس ۾ سمورين لاڳاپيل وفاقي، صوبائي وزارتن بشمول پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، صوبائي، گلگت بلتستان، اسٽيٽ ۽ ضلعي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سميت سمورن لاڳاپيل کاتن کي ڪنهن به قسم جي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ ۽ وقت سر اڳواٽ قدم کڻڻ جي لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن ڪنهن به قسم جي ??مڪاني جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. پي ڊي ايم اي ۽ ڊي ڊي ايم اي کي سمورن لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهڻ، ايمرجنسي مشينري ۽ عملي بشمول نشيبي علائقن جي لاءِ ڊي واٽرنگ پمپس جي ??ڳواٽ موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت جاري ڪئي ته جيئن موسم جي ڪري رهائشي علائقن ۾ ٻوڏ واري پاڻي کي منهن ڏيڻ ۽ رستا بلاڪ ٿيڻ جي ??ورت ۾ وقت سر قدم کڻي سگهجن. لوڪل ريسڪيو سروسز ڊپارٽمينٽس ٻوڏ خطري ۾ ورتل علائقن جي ??هواسين خاص طور تي سياحتي جاين طرف عوام کي غيرضروري چرپر کان محتاط رکڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي آگاهي مهم هلائين. وڌيڪ اهو ته نشيبي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو محتاط رهندي ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال کان لاڳاپيل ايمرجنسي سروسز کي فوري طور تي مطلع ڪن. قانون لاڳ?? ڪندڙ ادارا بشمول موٽروي/ ٽريفڪ پوليس اترين علائقن طرف سفر ڪندڙ مسافرن ۽ سياحن کي امڪاني برساتن ۽ رستن جي ??ازي صورتحال کان باخبر رکن.