اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي ٻن مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پ??ڪ فوج جي جوانن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابط?? ڪري سا??س تعزيت جو اظه??ر ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر اتر وزيرستان ۾ 23 مئي جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پ??ڪ فوج جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ سا??ن افسوس جو اظه??ر ڪيو. صدر سپاهي رحيم گل ۽ سپاهي ظهور جي وارثن سان ٽليفون تي تعزيت جو اظه??ر ڪيو. صدر 19 مئي تي ڏکڻ وزيرستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار محمد سنور جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر پ??ڪ فوج جي شهيدن کي وطن تي جان نڇاور ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي بلند درجن ۽ پوئينرن لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.