اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??ان جمعيت علماءُ اسلام جي اڳواڻن مو??انا فضل الرحمان ۽ اڪرم خان دراني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي ۽ بهتري کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين جي گڏيل تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي پاسي جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي وفد به وزيراعظم شهباز شريف ??ان ملاقات ڪئي. وفد ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير مو??انا اسعد محمود، مذهبي معاملن وارو وزير مو??انا عبدالشڪور، هائوسنگ اينڊ ورڪس وارو وزير مو??انا عبدالواسع ۽ سيفران وارو وزير سينيٽر محمد طلحه محمود ش??مل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.