اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏورانهن علائقن ۾ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ٽيڪس محتسب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وفاقي ٽيڪس محتسب جي پهچ وڌائڻ ۽ ??دا??ي جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته ٽيڪس محتسب واپارين کي ٽيڪس عملدارن جي ناانصافي جي خلاف ريليف فراهم ڪرڻ جو بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، وفاقي ٽيڪس محتسب ڪسٽم ۽ ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف فوري انصاف فراهم ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته ٽيڪس محتسب واپارين کي ٽيڪس عملدارن جي ناانصافي جي خلاف ريليف فراهم ڪرڻ جو بهترين ڪم ڪري رهيو آهي. وفاقي ٽيڪس محتسب ان موقعي تي صدر کي ??دا??ي جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ 2021?? پيش ڪئي. وفاقي ٽيڪس محتسب پنهنجي رپورٽ ۾ صدر کي آگاهه ڪيو ته سال 2021?? دوران ايف ٽي او وٽ 1816 تازيون شڪايتون داخل ٿيون جڏهن ته گذريل 333 تي باقي ڪيسز تي پڻ ڪارروائي ڪئي وئي. رپورٽ موجب سال 2021?? دوران 2867 ڪيسن کي اڪلايو ويو ۽ ان دوران 88.14 سيڪڙو فيصلن تي عملدرآمد ٿيو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته م??تسب 8.4 ارب رپين جي ??لي??ز جو فيصلو ڪيو جڏهن ته رقم ايف بي آر متاثره ٽيڪس ڏيندڙن کي ادا ڪئي، ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت ۽ شڪايتن جي تيز حل لاءِ شڪايتن جو غيررسمي حل شروع ڪيو ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ان ڳالهه کان پڻ آگاهه ڪيو ويو ته غيرقانوني طور تي وڌيڪ سيلز ٽيڪس جي وصولي تي گاڏين جي خريدارين کي 60 ڪروڙ رپين جا فنڊ ڏنا ويا جڏهن ته واپارين جي سهولت لاءِ عالمي هوائي اڏن ۽ چمن ۽ طورخم جي بارڊر تي سهولت ڊيڪس قائم ڪيا. رپورٽ موجب واپاري ??دا??ن ۽ انجمنن جي تعاون سان سڄي ملڪ ۾ سيمينارز ۽ آگاهي سيشنز منعقد ڪيا پيا وڃن. صدر ڏورانهن علائقن ۾ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ٽيڪس محتسب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.