اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، ??در ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ايوان صدر جي جامع مسجد مان ”اسلامو فوبيا جي عالمي ڏينهن“ جي موضوع تي خطبو ڏنو ويو، ??سلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر ق??له اياز جمعي جو خطبو ڏنو، هن چيو ته مسلمانن سدائين علم کي فروغ ڏنو آهي، خطيب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر معاشرو ۽ ماحول ڇڏڻو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان قراردا?? منظور ڪئي وئي آهي جنهن جي منظوري ۾ سمورن اسلامي ملڪن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ڊاڪٽر ق??له اياز چيو ته مسلمانن سدائين هر معاشري جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو، وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي سان پوري انسانيت جي بهتر ممڪن بڻائي سگهجي ٿي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنما??ي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جمعي نماز جي موقعي تي م??ڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.