اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوامي مفاد ??ي نظر ۾ رکندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي جي سمري رد ڪري ڇڏي. اوگرا پيٽرول 11 رپيا ۽ ڊيزل 14 رپيا في ليٽر وڌائڻ جي سمري موڪلي هئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پوري دنيا ۾ وڌندڙ ??ها??گائي جي ڪري تيل جون قيمتون وڌي رهيون آهن پر پاڪستاني عوام کي ان ??ها??گائي کان بچائڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪندي. ان لاءِ وزيراعظم ان سمري کي رد ڪري ڇڏيو. هن وقت حڪومت ان وڌندڙ ??يمت جو بار پنهنجي مٿان کڻندي ۽ عوام کي اضافي بار کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندي.