اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪ??ميابي تائين انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ڪشمير جي خودمختياري واري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشمير عوام اڄ خودمختياري جو ڏينهن ملهائي رهي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل 5 جنوري 1949ع تي اڄوڪي ڏينهن تي قرارداد جي ذريعي ڪ??ميري عوام کي اهو حق ڏنو هو ته هو پنهنجي مرضي موجب پنهنجي مستقبل جو ف??صلو ڪري سگهن ٿا. اڄ ڪشميري عوام سان ڪيل واعدي کي 73 سال گذري ويا پر افسوس ته اهو واعدو اڃان تائين پورو نه ٿي سگهيو. چوڌري فواد حسين چيو ته گڏيل قومن جي قرارداد جا 73 سال پورا ٿيڻ تي ڀارت ڪٺ پتلي حد بندي ڪميشن جي خلاف احتجاج روڪڻ لاءِ ڪشميري قيادت جي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪري رکيو آهي، ڀارت ڪشمير کي هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ??ري ڇڏيو آهي، جتي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ، حريت اڳواڻن کي نظربند ڪرڻ ۽ ڪرفيو ۽ پابنديون لڳائڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل ??مون ۽ ڪسمير جي حد بندي مذهب جي بنياد تي تبديل ??رڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي رهيو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته والاريل ??شمير ۾ ڪشميري عوام تي بدترين مصيبتون ۽ ظلم ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جا منتظر آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل پنهنجا واعدا پورا ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان ان عزم جو اظهار ڪريون ٿا ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪ??ميابي تائين ان جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.